دپيڪا بيجو باورا مان آئوٽ، هدايتڪارن اکيون ڦيري ڇڏيون

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا ۾ بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پدڪون بابت خبرون هلي رهيون آهن ته هو فلم بيجو باورا مان آئوٽ ٿي وئي آهي. تفصيل موجب بالي ووڊ جي ڀلوڙ هدايتڪار سنجي ليلا ڀسالي پنهنجي نئين فلم بيجو باورا ۾ دپيڪا پدڪون کي ڪاسٽ ڪيو هو. ڀارتي ميڊيا ۾ ان حوالي سان خبرون ڦهليل آهن ته گهٽ معاوضو ملڻ سبب دپيڪا پدڪون فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪارڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ديپڪا فلم ۾ هيروئن جو ڪردار ڪري رهي هئي پر هدايتڪار سندس گهٽجندڙ شهرت سبب کيس گهٽ معاوضو وٺڻ جو چيو پر دپيڪا ان کي قبول نه ڪيو. ٻئي طرف سنجي ليلا يا دپيڪا پاران خبرن بابت تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان چيو پيو وڃي ته دپيڪا پڊوڪون کي شادي کانپوءِ بالي ووڊ ۾ اهو ريسپانس نه ملي رهيو آهي، ان ڪري هدايتڪار کيس وڏو معاوضو ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *