ميرپور خاص: عشق ۾ ناڪامي، عاشق جو محبوبه تي حملو، ڇريون هڻي قتل، جوابدار فرار ٿيندي گرفتار

ميرپور خاص(ڊ.ر) ميرپورخاص ۾ ناڪام عاشق پنهجي محبوبا کي ڇُرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تفيصل موجب: ميرپورخاص ٽائون ٿاڻي جي حد شاه عبدالطيف ڊگري ڪاليج وٽ مسمات آمنه تي ناڪام عاشق عمران  خنجر جو وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.سول اسپتال ۾ فوت ٿيل کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او قتل ڪندڙ جوابدار کي ڪراچي فرار ٿيڻ لاء ويندي نيو بس ٽرمينل تان قتل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيڻ واري خنجرسميت گرفتار ڪري ورتو مقتولا کي قتل ڪندڙ عمران ميرپورخاص جي علائقي کپرو ناڪو جو رهواسي آهي حد پوليس قتل جي واردات جي ڏوهه ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *