شهباز شريف ٻه ڪلاڪ  قيادت سان ملاقات ۾ اقرار ڪيو ته مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو غلط آهي ، سهڪار نه ڪجي: شاهه محمود

ملتان (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ن ليگ جو قانوني صدر شهباز شريف چوي ٿو ته سندس راءِ ۾ ڌرڻو غلط آهي، هي ڌرڻو نه هڻڻ گهرجي، ڌرڻي جي سياست جي پويان جا مقصد اڃا ٻيا آهن، شهباز شريف محمد صفدر جي بيان تي به ڪاوڙ ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري کي اڄ ڇو ڌرڻي جي ضرورت پئجي وئي، توهان ڪنهن جي اشاري تي ڌرڻي جي حمايت ڪري رهيا آهيو، 2014 جي ڌرڻي ۾ توهان کي جمهوريت خطري ۾ نظر اچي رهي هئي، هاڻ ڇو نٿي نظر اچي، 27 آڪٽومبر تي ڀارتي ناپاڪ ارادن کي سڄي دنيا اڳيان بي نقاب ڪنداسين، جمعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ جو هڪ ڌڙو چاهي ٿو ته مولانا فضل رحمان جي ڌرڻي ۾ شامل ٿيجي، شاهه محمود قريشي چيو ته ميڊيا سميت هر ماڻهو ڄاڻو ٿو ته مولانا جي ڌرڻي جي پويان ڪجهه ٻيا مقصد آهن، هن چيو ته مولانا فضل رحمان ڪشمير سان ٻڌي جي اظهار لاءِ 27 آڪٽومبر جي چونڊ ڪئي، جڏهن ته ان ڏينهن کي ڪارو ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي ڇو ته ان ڏينهن تي ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير تي چڙهائي ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي شاهي جوڙو خيرسگالي دوري تي 14 آڪٽومبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *