ٿر ۾ معصوم ٻارن جي ڌڙا ڌڙ فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ 4 گلن جهڙا ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا

مٺي(رپورٽر) ٿر ۾ معصوم ٻارن جي ڌڙا ڌڙ فوت ٿيڻ جو سلسلو نيٺ ڪڏهن دنگ ڪندو؟ وڌيڪ 4 گلن جهڙا ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا. سول اسپتال مٺي ۾ 9 مهين جي نعمان پٽ صبحان لنجو، 4 مهينن جي پزدام ڌيءُ راوَل نهڙي، 3مهينن جي ويراج پٽ امرت ميگهواڙ ۽ سومار مياڻو جي تازي ڄاوَل ٻارڙي دَم ڏنو. جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 13 ۽ هلندڙ سال 657 ٿي ويو آھي. جڏھن ته رڳو مٺي سول اسپتال ۾ 51 ٻارڙا داخل آهن، جيڪي بهترين طبي امداد جا منتظر آهن، وارثن مطالبو ڪيو آهي ته سندن ٻارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *