”ميري پاس تم هو“ تي تنقيد: ليکڪ جي نظرين سان اتفاق نٿي ڪريان: رحمت اجمل

 

ڪراچي (شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي هر ڏينهن ٽرينڊنگ ۾ رهندڙ ڊراما سيريل “ميري پاس تم هو” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ رحمت اجمل چيو آهي ته هو ليکڪ جي نظرين سان اتفاق نٿي ڪري. انٽرنيٽ تي مقبول ٿيل رحمت هن ڊرامي ۾ عائشا نالي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪا ڊرامي جي مرڪزي ڪردار دانش جي دوست بڻي آهي. ڊرامي توڙي اداڪارن جي اداڪاري کي پسند به ڪيو ويو آهي ۽ مٿن تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي. رحمت اجمل تنقيد ٿيڻ کانپوءِ خليل الرحمان قمر جي نظرين کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ذريعي اداڪارا لکيو ته مونکي خبر آهي ته فنڪار هجڻ جي حيثيت سان اسان جي سماجي ذميواري آهي ته اسان اهڙو مواد پروڊيوس ڪريون جنهن ذريعي هاڪاري پيغام ڏنو وڃي ۽ مان پنهنجي اهڙي ذميواري کي بي حد سنجيدگي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. مونکي ڪيترن ئي ڏينهن کان اهڙا پيغام ملي رهيا آهن جن ۾ نفرت ڏياريندڙ جملا ۽ پريشانين جو اظهار ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو مان کليل نموني ڳالهائن جو فيصلو ڪيو. مان خليل الرحمان قمر جي نظرين سان اتفاق نٿي ڪريان، مان خليل الرحمان قمر جو انٽرويو ٻڌو ۽ ڊرامي جي پڄاڻي کان اڳ مونکي ان جي پريشاني جوڳن خيالن جو اندازو ٿيو، مان اهڙي ڪنهن پراجيڪٽ جو حصو بڻجي فخر محسوس نٿي ڪريان جنهن جي ليکڪ جا نظريا اهڙا هجن. مان ۽ مون جهڙا ٻيا اداڪار خليل الرحمان قمر جي سوچ بابت ان وقت نه ڄاڻيندا هئا جڏهن اسان هن ڊرامي جي گڏجي شوٽنگ ڪئي، هن لکيو ته ماڻهو نون فنڪارن کي موقعو ڏين ته اهي سکي سگهن. هن کي ڊرامي جي مڪمل ڪهاڻي به خبر نه هئي، پراجيڪٽ ۾ منهنجو ڪردار هونئن به مختصر آهي، هي منهنجي ڪيريئر جو پهريون ٽي وي ڊرامو آهي ۽ مان هن وقت سکي رهي آهيان، مان هن پراجيڪٽ سان اهو به سکيو ته پنهنجي چونڊ کي لاءِ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *