پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشا ناهن: بنگالي ڪپتان

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمود الله چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشا ناهن: اسان جو ڌيان سيريز کٽڻ تي آهي. لاهور ۾ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي مهورت بعد صحافين سان ڳالهائيندي بنگلاديشي ڪپتان چيو ته سيڪيورٽي خدشن وارو معاملو بنگلاديش ۾ ئي ڇڏي آيا هئاسين، هاڻ رڳو سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي. هن چيو ته پاڪستان نمبر ون ٽيم آهي، سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيون، رانديگرن جا حوصلا بلند آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو رانديگر پاڪستان نه آيو، اهو ان جو ذاتي فيصلو هو، بورڊ منهنجي قيادت ۾ ٽيم پاڪستان موڪلي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *