ميديڪل بورڊ نواز شريف جي رپورٽن کي اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو ، پروفيسر محمد اياز جي سربراهي ۾ اجلاس

لاهور (اين اين آءِ) پروفيسر محمود اياز جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي موڪليل رپورٽس کي اڻ مڪمل قرار ڏيندي ڪنهن به قسم جي راءِ کان لاچاري ظاهر ڪئي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت پاران علاج لاءِ لنڊن ۾ ترسيل محمد نواز شريف جون رپورٽون جائزي لاءِ ميڊيڪل بورڊ ڏانهن موڪليون ويون هيون، ميڊيڪل بورڊ لنڊن مان موڪليل رپورٽن جو جائزو ورتو، جڏهن ته رپورٽن کي اڻ مڪمل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، بورڊ موجب نواز شريف جون رت واريون رپورٽون فراهم ناهن ڪيون ويون، اهو به نه ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف جا پليٽ ليٽس ڪائونٽ ڪيترا آهن، جنيٽڪ ٽيسٽن جي اپ ڊيٽ ناهي ڏني وئي، ميڊيڪل بورڊ ان حوالي سان حڪومت کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته مڪمل رپورٽون فراهم ڪرڻ تائين ڪا راءِ يا سفارش نٿي ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *