مشرف ڪيس: پاڪستان بار جو خصوصي عدالت غير آئيني قرار ڏيڻ وارو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بار ڪائونسل اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ٺاهيل خصوصي عدالت کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. 13 جنوري تي لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف فيصلو ٻڌائيندڙ عدالت جي جوڙ کي غير آئيني قرار ڏنو هو، پاڪستان بار ڪائونسل لاهور هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ کان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اٽارني جنرل انور منصور خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪائونسل جي وائيس چيئرمين چونڊيل عابد ساقي ايڊووڪيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي اعلانيل غير اعلانيل سينسر شپ اظهار جي آزادي جي بنيادي حقن جي خلاف آهي، ميڊيا جي آزادي جي جنگ ۾ اسان ميڊيا سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته جج مقرري لاءِ عدليه، بار ڪائونسل ۽ قانون سازن جا ميمبر هجڻ گهرجن ۽ هن سال وڪيل اهڙي ڪنهن معاملي تي هڙتال نه ڪندا جنهن سان عوام جو حق متاثر ٿئي. عابد ساقي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پرويز مشرف خلاف سزا ٻڌائيندڙ خصوصي عدالت کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *