ايئر مارشل احمر شهزاد لغاري هوائي فوج جو نائب سربراهه مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايئر چيف مارشل احمر شهزاد لغاري کي پاڪ هوائي فوج جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، ايئر مارشل احمر شهزاد لغاري کي پاڪ هوائي فوج ۾ شاندار خدمتن تي تمغه ملٽري امتياز سان نوازيو ويو. تفصيل موجب پاڪستان حڪومت ايئر مارشل احمر شهزاد لغاري کي پاڪ هوائي فوج جو نائب سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، ايئر مارشل احمر شهزاد لغاري نومبر 1984ع ۾ پاڪستان ايئر فورس جو ڊي جي پي برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڪيريئر دوران هڪ ويڙهاڪ اسڪوارڊن ۽ آپريشنل ايئر بيس جي ڪمان ڪئي. ايئر مارشل احمر شهزاد لغاري ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ چيف پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ”فالڪن“ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پراجيڪٽس کان سواءِ آمريڪه ۾ ايئر اتاشي جي حيثيت سان به پنهنجا فرض ادا ڪري چڪو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *