مون کي پاڪستان اچڻ جو بي صبري سان انتظار آهي: زمبابوي ڪوچ واٽمور

هراري(اسپورٽس نيوز): زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ ڊيوڊ واٽمور به دوره پاڪستان جي تصديق ڪندي چيو ته زمبابوي ٽيم فتح لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ڊيوڊ  واٽمور چيو ته مان پاڪستان وڃڻ لاءِ انتهائي بي قرار آهيان، هن چيو ته پاڪستان ۾ منهنجا گهڻا دوست آهن. پاڪستاني دوري ۾ انهن سان ملاقات جو موقعو ملندو، انهي لاءِ پاڪستان وڃڻ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيو آهيان. ياد رهي ته ڊيوڊ واٽمور زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ ڪري رهيو آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ به رهي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *