ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا جي مطابق هندو مذهبي تنظيم جي ترجمان جو چوڻ هو ته سني ليون جي فحائشي ويب سائيٽ ڀارتي عورتن جي ڪردار جي بي عزتي آهي ۽ ان سان نوجوانن ۾ به اخلاقي بگاڙ پيدا ٿيندا رهيا آهن، ان جي خلاف مهاراشترا ۽ گوا ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس هينئر تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هندو انتهاپسند تنظيم ڀارتي حڪومت کان سني ليون جي ويب سائيٽ تي پابندي لڳائڻ ۽ ان کي ملڪ نيڪالي جو به مطالبو ڪيو آهي، واضح رهي ته ڪينڊين سني ليون ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا تنقيد جو نشانو بڻجي چڪي آهي، جنهن جو هو ميڊيا تي به اظهار ڪري به چڪي آهي.