آسٽريليا جي وڪيٽ ڪيپر بريڊ هيڊن ون ڊي مئچ تان رٽائرڊ مينٽ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

سڊني(اسپورٽس نيوز) ورلڊ چئمپين آسٽريلين ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بئٽسمين بريڊ هيڊن  ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آسٽريلين ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بئٽسمين بريڊ هيڊن مارچ ۾ ورلڊ ڪپ کي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جو آخري مئچ قرار ڏيندي هن فارميٽ کي الوداع ڪري ڇڏيو. آسٽريليا  طرفان 3 ورلڊ ڪپ کيڏڻ وارو 37 سالا هيڊن ورلڊ ڪپ 2015ع  جي سڀني مئچن ۾ کيڏيو، 126 ون ڊي مئچن ۾ آسٽريلين ٽيم جي نمائندگي ڪئي. هن 3 هزار 122 رنز ٺاهيا. ورلڊ ڪپ ۾ هيڊن ڪابه متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ته نه ڪيو پر هن عالمي چئمپين ٽيم ڪارڪن ٺهڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *