مهوش حيات شادي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي

اسلام آباد (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره مهوش حيات شادي بابت خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته جاڪو به منهنجو مڙس ٿيو کيس منهنجي خودمختيار هجڻ تي ڪو اعتراض نه هجڻ گهرجي. اداڪاره پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته آئون پنهنجي ڪم سان شادي ڪري چڪي آهيان ڇو جو اڃان تمام گهڻا ڪم آهن جيڪي آئون ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي ، آئون هڪ خودمختيار شخصيت آهيان ۽ پنهنجي مالي مدد پاڻ ڪري سگهان ٿي. مهوش حيات پنهنجي ڊريم پراجيڪٽ جي حوالي سان پڻ خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته آئون ايڪشن سان ڀرپور فلم ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪندس جيڪا عورتن جي سپر هيرو جي حوالي سان هجي، اصل ۾ هالي ووڊ وٽ تمام گهڻيون عورت سپر هيروز آهن ان ڪري اسان وٽ به ته هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *