انجلينا جولي پنهنجي نالي جي آخر تان ”پٽ“ هٽائي ڇڏيو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي بريڊ پٽ سان باقاعده عليحدگي کانپوءِ پنهنجي نالي جي آخر تان ”پٽ“ هٽائي ڇڏيو آهي. سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب انجلينا جولي بريڊپٽ کان باضابطه طور ڌار ٿيڻ جي کانپوءِ پنهنجي نالي جي آخر تان ”پٽ“ هٽائي ڇڏيو آهي، پر عدالت ۾ ڌار ٿيڻ لاءِ ڏنل دستاويز ۾ انهن 6 ٻارن جن مان 3 هنج ورتل ۽ 3 ٻارڙين بريڊ پٽ جي نالن سان جولي-پٽ وضاحت طور برقرار رکيو ويندو. واضع رهي ته انجلينا جولي ذهني مطابقت ۽ وڏي هنج ورتل ويتنامي پٽ ميڊوڪس سان بريڊ جي مبينا طور بد سلوڪي جي الزام ۾ سيپٽمبر 2016ع ۾ بريڊ پٽ کان ڌار ٿيندي عدالت ۾ طلاق جي درخواست داخل ڪئي هئي پر هاڻي ٻئي باضابطه طور ڌار ٿي ويا آهن پر باضابطه طلاق جي ڪاروائي اڃان مڪمل ناهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *