عمران خان ۽ سندس حڪومت باهه سان کيڏي رهيا آهن، انتقام سان ڀريل احتساب معيشت ۽ جمهوريت کي ٻوڙي ڇڏيندو : سعد رفيق

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس حڪومت باهه سان کيڏي رهيا آهن، انتقام سان ڀريل احتساب معيشت ۽ جمهوريت کي ٻوڙي ڇڏيندو.  احتساب عدالت خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي پيرا گون هائوسنگ اسڪيم ۾  عدالتي رمانڊ ۾ 2 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.  نيب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته قومي معيشت نفرت ۽ انتقام جي چتا ۾ ساڙي پئي وڃي،  مخالف ڌر جو ڪنڌ لاهڻ جي چڪر ۾ معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي سونامي ترقي لاءِ تباهي واري ثابت ٿي آهي.  هن چيو ته حڪمران عدل جي نظام، احساب ۽ ميڊيا تي ڪنٽرول ڪري مخالف آواز کي چٿڻ چاهين ٿا،  انتقام جوڳو احتساب معيشت ۽ جمهوريت کي ٻوڙي ڇڏيندو،  سياسي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نفرت ۽ دسمني کي پاسي تي رکڻو پوندو.  خواجه سعد رفيق چيو ته آئين سان هٿ چراند خطرناڪ ثابت ٿيندي، آئيني چئني فيدريشن يونٽن کي حق ڏئي ٿو، عمران خان جيئن تيئن ان آئين تحت ڪامياب ٿيو آهي، آئين سان هٿ چراند ڪندو ته ٻيهر آئين ٺاهڻ ممڪن نه هوندو، عمران خان ۽ سندس حڪومت باهه سان کيڏي رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *