مهانگائي سبب پاڪستان جي عوام هڪ سخت دور مان گذري رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 29 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ جي ضلعن ۾مقامي پريس ڪلبن آڏو مهانگائي جي خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته مهانگائي جي ڪري پاڪستان جي عوام هڪ سخت ۽ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي عمران خان جنهن معاملي ۾ هٿ وجهي ٿو اتي تبديلي نه پر تباهي اچي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي يو سي 2 جي غريب آباد محلي ۾ يونين ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري شفيق چانڊيو جي رهائشگاهه تي پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس جي سربراهي ڪندي ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين عوام کي جيڪي آزاديونڏنيون آهن عمران خان اهي کسي ورتيون آهن ووٽ جي تحفظ کان وٺي ڳالهائڻ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي کي عمران خان کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هنچ يو ته مهانگائي جي ڪري پاڪستان جي عوام مشڪل دور مان لنگهي رهي آهي پي ٽي آئي آئي ايم ايف بجيٽجي خلاف پهرين ڏينهن کان پاڪستان پيپلزپارٽِ احتجاج ڪيو آهي اسان اقتدار لاءِ سياست نٿا ڪريو اسان جو مقصد عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي، بلاول ڀٽو زرداري اجلاس دوران ڪارڪن غوث بخش بروهي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ بلال بروهي ۽ علي مدد ٽڳڙ جي لاڏاني تي ان جي پوٽي ايڊووڪيٽ وقار ٽڳڙ ۽ يو سي 2 جي صدر رياجا رياض چوهاڻ سان ان جي والد ۽ ڀاڻيجي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار به ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *