شهبازشريف آئي ايم ايف جا شرط پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف آئي ايم ايف جا شرط پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊالر جي قيمت ۾وڌيڪ ۽ لڳاتار اضافو قومي معيشت جي لاءِ تباهه ڪندڙ ۽ قومي سلامتي جي تصور لاءِ خطرناڪ آهي، تاريخ شاهد آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سان ملڪ ۾ هميشه مهانگائي وڌي آهي، ڊالر جي قيمت وڌڻ سان عوام ويتر غريب ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت کي عوام جي خراب حالت جو ڪوئي احساس نه آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آئي ايم ايف سان معاهدو ختم ناهي ٿيو ته پوءِ ڇا طئي ٿيو آهي پارليامينٽ کي ٻڌايو وڃي آئي ايم ايف سان طئي ٿيندڙ شرط ۽ ڳالهين جو تفصيل پارليامينٽ کان لڪائڻ ٻڌائي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، هن چيو ته ڊالر جي قيمت ۾ لڳاتار واڌ قومي معيشت کي برباد ڪري رهي آهي ۽ مهانگائي ڪنٽرول مان نڪري چڪي آهي حڪومت ڊالر ۽ مهانگائي ٿيڻ تي خاموش آهن، جيڪو آئي ايم ايف سان پردي پٺيان سوديبازي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو هن چيو ته آئي ايم ايف جا شرط تسليم ڪرڻ جو نتيجو قوم مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي صورت ۾ ڀوڳي رهي آهي هي ظلم بند ڪرڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *