منڇر ڍنڍ آلودگي ڪيس: سپريم ڪورٽ جو سنڌ حڪومت جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ۾ منڇر ڍنڍ آلودگي ڪيس جي ٻڌڻي تي سنڌ حڪومت جي رپورٽ تي عدالت ڪاوڙجي پئي، علائقي جي رهواسين موقف اختيار ڪيو ته منڇر ۾ لڳايل آر او پلانٽ غير فعال آهن، انهن کي زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، عدالت سنڌ حڪومت جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي جي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ منڇر ڍنڍ ۾ گندو پاڻي شامل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ايڪنڪ آر بي او ڊي 2 جو منصوبو مڪمل ڪيو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته واٽر ڪميشن ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيو، منڇر ڍنڍ جي رهواسين بيان ڏنو ته پاڪ اوسز ۽ آر بي او ڊي پاران لڳايل آر او پلانٽ فعال نه آهن ۽ کين زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، آبپاشي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ چيو ته 39 آر او پلانٽس مان 3 فعال نه آهن، سنڌو درياءَ جي سطح جڏهن منڇر سان ڀرجي ويندي آهي ته پوءِ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي، عدالت آر او پلانٽ، آر بي او ڊي جي منصوبي جي شروعات، ايڪنڪ اجلاس سميت سنڌو درياءَ جو پاڻي منڇر ۾ڇڏڻ بابت خميس تائين تفصيل رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *