عائشه گلالئي جو مسئلو تحريڪ انصاف جو اندروني معاملو آهي، الزامن جي جاچ ڪئي وڃي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته عائشه گلالئي جو معاملو تحريڪ انصاف جو اندروني معاملو آهي پر ان طرفان چيئرمين پي ٽي آءِ ٽي لڳايل الزامن جي جاچ ڪئي وڃي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي عورتن جي عزت ڪرڻ ناهي ايندي، عائشه گلالئي عمران خان جو ڪردار بي نقاب ڪيو، ڪالهه تائين گلالئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سچي ۽ باڪردار نمائنده هئي ۽ اڄ ان جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ الزام تراشي جي سياست سبب اڄ ان حالت ۾ آهي، فواد چوڌري الزام لڳايو آهي ته مسلم ليگ ن گلالئي کي ميسج ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ته اهو قوم کي ٻڌائي ته فواد چوڌري عمران خان کان ٻين تي گند اڇلائڻ جو ڪيترو معاوضو وٺندو آهي؟ عائشه گلالئي جو معاملو تحريڪ انصاف جو اندروني معاملو آهي  پر عائشه گلالئي جي عمران خان تي الزامن جي جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي، مسلم ليگ ن اڳواڻ جو چوڻ هيو ته فواد چوڌري نئين چونڊيل وزيراعظم کي ريلو ڪٽو چيو آهي پر مان ان کي ٻڌايان ٿي ته ريلو ڪٽو اهو آهي، جيڪو 4 سالن ۾ 4 پارٽيون بدلائي هاڻي پي ٽي آءِ جو ترجمان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *