ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز مينهن، 5 ڄڻا فوت

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڄي ملڪ ۾ برساتن دوران مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، اسلام آباد، راولپنڊي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو جنهن سبب ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا، تفصيل موجب بنو ۾ گذريل رات 3 ڪلاڪ مسلسل برسات سبب اسڪول ۽ ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو ۽ مختلف حادثا پيش آيا جن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، سڀني کان وڌيڪ نقصان آمدي حنيف ۽ بقا خيل جي علائقي ۾ ٿيو، چار سده جي مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ بيهجي ويو، شب قدر جي علائقي اٽڪي ۾ 5 سالن جو ٻارڙو پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪڍيو ويو، مٽا مغل خيل جي علائقي غريب آباد ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، ڇت هيٺان 9 ورهين جو ٻارڙو دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 عورتون زخمي ٿي پيون، سنڌ جي ضلعي بدين ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ اسڪولن ۾ گذريل ڏينهن پيل برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو، گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ متاثر اسڪول نه کلي سگهيا، پنجاب ۾ گجرات حافظ آباد سميت ڪجهه شهرن ۾ برسات پئي جنهن سبب علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو، موسميات کاتي اسلام آباد،لاهور، پشاور سميت ڪي پي ڪي فاٽا ۽ ڪشمير ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *