مني ٽريل قطر جي خطن سان نه پر بينڪن جي کاتن مان ٺهندي، خط مني لانڊرنگ جو اعتراف آهي: اعتزاز احسن

لاهور (اين اين آءِ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته مني ٽريل قطري خطن سان نه پر بينڪن جي کاتن سان ٺهندي، قطري شهزادي جا خط مني لانڊرنگ جو اعتراف آهن، اميد آهي ته عدالت اهڙو فيصلو نه ڏيندي جنهن سان انارڪي ڦهلجي، ڇا اها عجيب ڳالهه نه آهي ته سڄو خاندان هڪٻئي تي اربين رپين جا تحفا ڏئي رهيو آهي، شريف خاندان جو اهڙو شخص آهي جيڪو ڪاروبار جي نگراني ڪري ٿو، شريف فيملي جي سمورن ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽن جي جاچ ڪرڻ تائين مني ٽريل ڄاڻڻ ممڪن نه آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شريف خاندان پنهنجي ملڪيت تسليم ڪري چڪو آهي، ملڪيت مڃڻ کانپوءِ سمورو وزن ثبوتن جو شريف خاندان تي آهي، عرب ملڪ ڪيش ٽرانزيڪشن قبول ڪن ٿا، مني ٽرائيل کانسواءِ شريف خاندان بچي نٿو سگهي، شريف خاندان لاءِ ڪيس مان ڪڍڻ انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ سپريم ڪورٽ ڪرپشن جي بنياد تي برطرف ٿيل بينظير جي حڪومت کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان الزام تي نواز شريف جي حڪومت جلد بحال ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *