حافظ سعيد ۽ سندس 5 ساٿين کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو آهي: پنجاب جي گھرو وزارت جي تصديق نوٽيفڪيشن جاري

لاهور (م.ڊ) پنجاب جي گھرو وزارت پاران جماعت الدعوة جي امير حافظ سميت سندس پنجن ساٿين کي نظر بند ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، گھرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حافظ سعيد سميت پنجن ڄڻن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، پنجاب جي گھرو وزارت پاران عبدالله، عبيد، ظفر اقبال، عبدالرحمان، عابد ۽ قاضي ڪاشف نياز کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، گھرو وزارت جو چوڻ آهي ته پنجاب جي گھرو وزارت 4 ڏينهن اڳ پنجن ڄڻن جا نالا واچ لسٽ ۾ شامل ڪيا هئا، حافظ سعيد ۽ سندس ساٿين کي شيڊول 2 تحت حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، حفاظتي تحويل جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *