منهنجي طبيعت ٺيڪ آهي، بابا جي بيماري تي سخت ڳڻتي آهي: مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته منهنجي طبيعت ٺيڪ آهي پر بابا جي بيماري تي سخت ڳڻتي آهي هر تڪليف برداشت ڪري سگهجي ٿي پر والدين جي اهڙي حالت برداشت نٿي ڪري سگهجي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مان گهڻو وقت جيل ۾ رهي آهيان پر الله جو ڪرم آهي جو مون تي ڪو ذهني دٻاءُ نه هو پر جڏهن کان بابا جي طبيعت خراب ٿي آهي ان مون کي گهڻو متاثر ڪيو اهي هڪ سال اڳ منهنجي ماءُ ايئن سخت بيمار ٿي الله کي پياري ٿي ويئي ۽ انهيءَ ڪري انسان ڀور ڀور ٿي وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *