عمران خان اين آرو او ڏئي ڇڏيو، زرداري ونڊ وراست سان کائڻ وارو ماڻهو آهي، شريف خاندان هڪ رپيو به نه ڏيندوۡ: شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي وزير شيخ رشيدا حمد چيو آهي ته آصف زرداري وندي ورهائي کائڻ وارن مان آهي ۽ هو ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندو پر ڪنجوس خاندان هڪ رپيو به نه ڏيندو ڇو ته نوازشريف اڪيلو کائيندو آهي فضل الرحمان زندگي جو وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو اهي آزادي مارچ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق اجازت ڏني ويندي ۽ اسان جي عدالت جي اجازت مطابق آزادي مارچ کي فيس سيونگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون عمران خان ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش مان نڪرندو ۽ پنهنجا پنج سال پورا ڪندو ريلوي هيڊڪوارٽر آفيس لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيدا حمد چيو ته سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي فنانسنگ ڪير ڪري رهيو آهي ۽ اسان هندستان کي موقعو ڏيئي رهيا آهيون هندستان بلوچستان مان ڪنهن کي موڪلي شرارت ڪري سگهي ٿو وفاقي وزير چيوت ه (ن) ليگ ۽ پ پ پ جي سياست ختم ٿي چڪي آهي عمران خان اڄ اين آر او ڏيئي ڇڏي ته سموريون تحريڪون ختم ٿي وينديون فضل الرحمان ٻنهي پارٽين کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي پر اسان سپريم ڪورٽ جي هدايت مطابق آزادي مارچ کي فيس سيونگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون هن چيو ته پاڪستان کي اندر مان خطرو آهي سرحدن تي ڪوبه خطرو نه آهي. نوازشريف بابت شيخ رشيد چيو ته الله نوازشريف کي صحت ڏي جڏهن به ان جي صحت خراب ٿئي ٿي ته ٻاهر لاءِ دروازا کلي وڃن ٿا آصف زرداري نوازشريف کان وڌيڪ بيمار آهي پر هو روئڻو نه آهي وارو ڪيو مان مري ويس ان جيل جون سختيون ڏٺيون آهن آصف زرداري ونڊي ورهائي کائڻ وارو آهي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندو هن چيو ته مان عمران خانکي پهريانئي چيو هو ته کين ڇڏيو وڃڻ ڏيو ڪالهه به عمران خان سان ملاقات ڪئي هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جيف يصلي تي پهرو ڏينداسين هن چيوت ه هن ملڪ ۾ ٻارڙن جي عقيقي کي سياست لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 10 ڊسمبر تي اٽڪل، ڪورد گولڙا شريف رستي اسٽيم سفاري ٽرين جو افتتاح ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ پهرين ڏينهن اسان پاڪستان جي سمورن ڊپلوميٽس کي وٺي وينداسين. اڄوڪي ڏينهن اسان جو روينيو 180 ملين تائين پهچي ويو آهي جنهن مان رڳو 103 ملين فريٽ ڪمايو آهي هي ڪمائي پهريان 125 ملين هئي هي به ريلوي جي تاريخ جو هڪ رڪارڊ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *