آفيسرن جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي ٻيلن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويوۡ: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين جي غيرقانوني الاٽمينت ۽ وڻن جي واڍي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيب کي جوابدارن جي خلاف چئن هفتن ۾ انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل بئنچ اڳيان سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ وڻن جي واڍي بابت ٻڌڻي ٿي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻيلي کاتي جي آفيسرن جي گڏيل صلاح سان سنڌ جي ٻيلن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. انهن جي لاءِ وڻ هوندا منهنجي لاءِ ته وڍيل وڻ اثاثا هئا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ٻيلن جي لاءِ ڪيتري زمين رکي ويئي هئي انو نوٽيفڪيشن به مان پڙهيو آهي نيب موجب پ پ پ جي وفاقي حڪومت 2007 ۾ سانگهڙ ۾ عورتن کي 20-20 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪئي ويئي وڻ به وڍيا ويا عدالت ريمارڪس ڏنا ته نيب ٿورڙي اڃا ڇنڊڇاڻ ڪري ته اهي عورتون به ڪنهن ايم پي اي، ايم اين اي جون زالون يا مائٽياڻيون هونديون عدالت نيب کي جوابدارن جي خلاف چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو نيب ٻيلي کاتي جي آفيسر محمود رضا، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين جي خلاف جاچ ڪري رهيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *