منع ٿيل هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ وارو معاملو رد ، وفاقي ڪابينا 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه مستقبل ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ۽ ججهي مقدار ۾ فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ وڌيڪ 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ اسلم خان کي پي آءِ اي جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ ۽ سرڪاري زمين جو قبضو ڇڏائڻ بابت قانونسازي ڪرڻ ۽ عاصم رئوف کي وڌيڪ ٽن مهينن لاءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽِ پاڪستان جي چيئرمين جي عهدي تي واڌ، پبلڪ پراپرٽي انڪروچمينٽ بل 2021 جي منظوري ۽ سپريم ڪورٽ اسٽاف هائوسنگ ڪاوني لاءِ ڪميتي جوڙي ڇڏي جڏهن ته سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ مان پاس قانون تي عمل ڪرائڻ جي پابند آهي، اليڪشن ڪميشن عملدار ايندڙ چونڊن کي اليڪترانڪ ووٽنگ تي منتقل ڪن آئين سان ٽڪراءُ وارن قانونن تي فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي. اليڪشن ڪميشن جو ڪم سياست نه اهي، جيڪڏهن ڪنهن کي سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ پنهنجي پارٽي ٺاهي سياست ڪري تحريڪ انصاف هميشه سمند پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حمايت ڪئي پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ مخالفت ڪري رهيون آهن سمنڊ پار پاڪستانين طرفان هڪ هزار ارب رپيا ملڪ ۾ اچڻ وزيراعظم تي اعتماد جو مظهر آهي، 4 لک ماڻهو روزانو ويڪسين هڻائي رهيا آهن دنيا ڪرونا وبا کي منهن ڏيڻ جي پاڪستان جي ڪوششن کي سارائي ٿي اڱاري تي وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 17 نقاطي ايجندا تي غور ڪيو ويو ايجنڊا ۾ وفاقي ڪابينه سرڪاري ملڪيتن جي عيوض ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ جي منظوري وفاقي ڪابينه پي آءِ اي جي چيئرمين جي مقرري، ونڊ پاور منصوبي لاءِ گهرايل ڪرينن جي پوسٽ شپمينٽ انسپڪشن جو معاملو اسلام اباد جي زون 4 ۾ گهڻ مار عمارتون ٺاهڻ جي منظوري فيڊرل گورنمينٽ امپلائيز هائوسنگ اٿارٽي طرفان ڪارلٽن هوٽل ڪراچي جي زمين جو استعمال، قبضن خلاف پبلڪ پراپرٽي بل 2021 سپريم ڪورت استاف هائونسگ ڪالوني جي اڏاوت جي منطوري ۽ لگزمبرگ سان ٻٽي شهريت جو معاملو شامل هو ڪابينه اجلاس کان پوءِ نيوز بريگنگ کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي ان جي باوجود ٻاهران گهرائڻ جي منظوري انهي4 ڪري ڏني وئي آهي ڇو ته اسان جي آبادي تيزي سان وڌڻ جي ڪري اسان جي ضرورت وڌي وئي آهي. فواد چوڌري چيو ته هن کان اڳ 30 لک ميٽرڪ تن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. هن چيو ته ڪابينه ۾ ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته اسان جي ملڪ جي آبادي وڌڻ جي رفتار ايتري تيز آهي جو فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿيڻ جي باوجود اسان جي ضرورت وڌي رهي آهي. هن چيو ته چونڊ سڌارن جو معاملو به انهيءَ ڪري رهيل آهي ڇو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ٻاهرين ملڪ رهندڙ 80 لک پاڪستانين کي ووٽ جو حق نٿيون ڏيڻ چاهين هن چيو ته ڪابينه پاڪستان انترنيشنل ايئر لائينز جي نان ايگزيڪيوٽو ميمبرن مان اسلم خان کي قومي ايئر لائين جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته اسلامڪ بئڪنگ کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل سڪوڪ بروقت جاري ڪرڻ لاءِ اثاثا ڪتب آڻڻ جي تجويز به منطور ڪئي هن چيو ته پاڪستان ۾ اڪثريت وياج تي قرض وٺڻ کي خراب سمجهي ٿي ته اسلامي نظام سان اهو فائدو ٿئي ٿو ته بنا وياج قرض وٺي سگهجي ٿو. ان لاءِ اجاره سڪوڪ جي نظام سان اسلامي بئڪنگ کي مقبوليت ملندي ۽ اسان قرض وٺڻ لاءِ پنهنجي ناقابل استعمال اثاثن کي به استعمال ڪري سگهنداسين فواد چوڌري چيو ته ماضي ۾ بئنڪن طرفان قرض معاف ڪرائڻ يا قرض جي مد ۾ بئنڪن کي ٿيندڙ نقصان بابت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ ڪابينه ۾ پيش ڪرڻ جو ايجنڊا ملتوي ڪيو ويو ڇو ته جن ماڻهن قرض معاف ڪرايا انهن جا نالا ئي نه پئي پڙهيا ويا فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينه هڪ اهم قانون جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن جي تدارڪ لاءِ پبلڪ پراپرٽي رموول آف انڪروچمينٽ بل 2021 پيش ڪيو ويندو هن ٻڌايو ته ڄاڻايل قانون تحت وفاقي حڪومت جو مجاز آفيسر سرڪاري زمين تي قابض ماڻهن کي اظهار جي سبب جو نوٽيس جاري ڪندو ۽ اڻ تسلي بخش جواب جي صورت ۾ ايراضي کي ڇڏائڻ جو قدم کڻڻ جو مجاز هوندو. هن ٻڌايو ته ان قانون ۾ غيرقانوني طور تي قبض ماڻهن لاءِ سزا ۽ ڏنڊ جي تجيوز به رکي وئي آهي ۽ ان ڏس ۾ خاص اپيليٽ ٽربيونل جوڙيو وڃي جيڪو 30 ڏينهن ۾ ماڻهن جي درخواستن جو فيصلو ڪندو فواد چوڌري ڪيترن ئي هندن تي وفاقي حڪومت جي قيمتي زمين تي قبضو آهي، جنهن کي ڇڏائڻ جو هي نئون طريقڪار آندو ويندو ۽ ايڪشن نه وٺڻ تي لاڳاپيل ايس ايڇ او کي به سزا ملي سگهندي هن ٻڌايو ته عاصم رئوف کي وڌيڪ ٽن مهينن لاءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان جي چيئرمين جي عهدي تي واڌ جي منظوري ڏني آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *