وزيراعظم جو بيان افسوسناڪ آهي، اسان کي متاثرن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عورتن جي حوالي سان وزيراعظم جو بيان افسوسناڪ آهي. پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪپڙن جو نه زيادتي سان ڪو واسطو ناهي، جنهن زيادتي ڪئي يا ظلم ڪيو، ان لاءِ هڪ جهڙو قانون هجڻ گهرجي، اسان کي متاثرن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان اهڙي عهدي تي ويٺو آهي، جتي ان کي لهجو سوچي سمجهي چونڊڻ گهرجي، ان جي اهڙن بيانن سان تاثر ويندو ته ڏوهه ان جو آهي، جنهن سان ناانصافي ٿي، جيڪو ناانصافي ڪري رهيو آهي، ان لاءِ توهان بهانا ٺاهي رهيا آهيو، اسلام ۽ اسان جو ڪلچر اسان کي سيکاري ٿو ته ڪپڙا ڪيئن پائڻا آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان جا اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۽ هاڻوڪا بيان ڏسي سگهو ٿا، هو اڄ نه پر پهرين ڏينهن کان ئي ڊڄڻو آهي، عمران خان ڪڏهن ڪنهن دهشتگرد کي دهشتگرد چوڻ لاءِ تيار نه هو، هو اي پي ايس حملي ۾ ملوث احسان الله کي دهشتگرد چوڻ لاءِ تيار ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *