ملڪ رياض ۽ زرداري سنڌي ماڻھن کي مال غنيمت ۽ ننڌڻڪو سمجھن ٿا: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ٽنڊومحمدخان(م.ڊ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قافلي جو ٽنڊومحمدخان پهچڻ تي شاندار استقبال ڪندي گلن جي ورکا ڪئي وئي. قافلي جي اڳواڻي سنڌ ايڪشن ڪميٽي چئيرمين سيد جلال محمود شاهه ، ڊاڪٽر قادر مگسي ، رياض چانڊيو نواز خان زنئور ۽ امير آزاد پنھور ڪري رهيا آهن. قافلو ٽنڊومحمدخان پهچڻ تي ڪارڪنن جون جهمريون، عورتن جو پڻ وڏو انگ موجود هو. ان کان اڳ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي رابطه مھم جي سلسلي ۾ نڪتل ريلي ماتلي پھتي. ريلي بس اسٽاپ چوڪ تي پھتي جتي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ رياض ۽ زرداري سنڌي ماڻھن کي مال غنيمت ۽ ننڌڻڪي قوم سمجھن ٿا ان ڪري اسان جا وسيلا ھڙپ ڪرڻ چاھين ٿا ۽ اھا روش ترڪ نه ٿي ته اھو ڏينھن پري ناھي سنڌي ماڻھو کين اقتدار مان ٻاهر ڦٽو ڪندا. جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ماڻھن اوھان کي ووٽ ان ڪري ڏنا آھن ته بک ۽ بدحالي ختم ٿيندي پر ھي سنڌ جا حڪمران سنڌ کي کپائڻ جي پويان لڳي ويا آھن. ھن چيو ته اسان کي غيرقانوني والار ڪنھن به صورت ۾ قبول نه آھي، صنعان خان سميت قومي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي, ايس يو پي جي روشن ٻرڙي، اسلم خيرپوري پڻ خطاب ڪيو .

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *