ملڪ ۾ گئس جو سنگين بحران آهي، نيب ۽ اوگرا ايل اين جي اسڪينڊل تي ڇو خاموش آهن: شيري رحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جي قيمتن جو بحران آهي ايل اين جي ڪارگو جي حوالي سان وڏو اسڪينڊل آيو آهي معاملي جي جاچ ڇو ناهي ٿيو نيب ۽ اوگرا چو خاموش آهن. نيا پاڪستان ۾ اوهان کاڌو نه ٺاهي سگهندا سنڌ کي معاشي ڦيٿو هلائڻ ۽ گهريلو صارفين لاءِ گئس جو آئيني حق ملڻ گهرجي جمعي تي گئس بحران جي حواليس ان سينيٽر شيري رحمان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته ملڪ ۾ گئس اگهن جو بحران آهي هن چيو ته گئس جي قيمت ۾ خوفناڪ 3 سيڪڙو تائينا ضافو ٿي چڪو آهي هن وقت ملڪ ۾ گئس جي کوٽ آهي ايل اين جي ڪارگو جي حوالي سان ايڏو وڏو اسڪينڊل آيو آهي هن چيوت ه ايل اين جي جي گرمي ۾ 13 ڊالرز قيمت هئي انهن خريداري نه ڪئي هاڻي انهن 30 ڊالرز ۾ ايل اين جي خريد ڪئي آهي ان تي اوهان جو نقصان 10 کرب رپيا آهي ان جي حڪومت ويندي ئي هي انڪوائري کلندي هن چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ ايتري ٿي وئي جو گهريلو صارفين کي رڳو 3 ڏينهن گئس ملندي. هن چيو ته اسد عمر چوي ٿو ته گئس جو بحران سنڌ حڪومت جو پيدا ڪيل آهي سنڌ 70 سيڪڙو گئس ڏي ٿو پر سنڌ کي ڇا ملي رهيو آهي، سڄو ملڪ کائي ويا. بلوچستان جي گئس ۽ ان کي ڪجهه ناهي مليو. هاڻي سڄو ملڪ سنڌ جي گئس کائي رهيو آهي، سنڌ جون 52 سيڪڙو ملز جا چلها اجهامي رهيا آهن سنڌ کي معاشي ڦيٿو هلائڻ ۽ گهريلو صارفين لاءِ گئس جو آئيني حق ملڻ گهرجي سليم مانڊوي والا چيو ته گئس بحران جو واحد حل ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين آهي جيستائين ايران گئس پائيل لائين نه ايندي پاڪستان بحران ۾ رهندو. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *