ڪنگنا رناوت به شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت به شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب تازو ئي ڀارتي اعزاز پدما شري حاصل ڪندڙ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي هن پنهنجي مستقبل جي رٿابندي بابت اهم انڪشاف ڪيا.هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته پاڻکي 5 سالن بعد زال ۽ ماءُ جي روپ ۾ ڏسي رهي آهيان ڇاڪاڻ ته آئون يقيني طور شادي ڪرڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ چاهيان ٿي. هن پنهنجي جيون ساٿي بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ماڻهو جلد ئي ان کان آگاهه ٿي ويندا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *