نواز دور ۾ طالبان سان ڳالهين لاءِ عسڪري سهڪار نه مليو: عرفان صديقي

ڪراچي(م.ڊ)2013 ۾ نواز شريف جي حڪومت دوران تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين واري حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ان وقت طالبان سان ڳالهين ۾ عسڪري قيادت طرفان حڪومت کي ڪو به سهڪار نه مليو هو. هڪ انٽرويو ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته حڪومت ٺهڻ کانپوءِ نواز شريف ڪم ڪندو رهيو ته ڪنهن طريقي سان اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قيادت کي ڳالهين ۾ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، ان وقت عمران خان طالبان سان ڳالهين واري ڪميٽي جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو. عرفان صديقي چيو ته اسان نيڪ نيتي سان ڳالهيون شروع ڪيون اميد هئي ته حل نڪري ايندو پر ڳالهه نه وڌي سگهي، طالبان شوريٰ پاڻ اسانکي چوندي هئي ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي انهن جي ڪمانڊ کان ٻاهر آهن، اسان طالبان شوريٰ کي چيو ته پوءِ اهڙن ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو، مذمت ڪيو، پر اهي ائين به نه ڪندا هئا، اهڙي ريت ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهيون. هن چيو ته عمران خان کي حڪومتي ڪميٽي ۾ پنهنجو نمائندو ڏيڻ جو چيو ته هن رستم شاهه مهمند کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو، آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ عمران خان سميت سڀني پارٽين جا سربراهه شريڪ هئا جنهن ۾ طئي ٿيو ته اسان کي قتل عام نه گهرجي، آپريشن ناهي ڪرڻو، ان وقت جي آرمي چيف ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *