ملڪ ۾ گئس بحران وڌي ويو، مهانگائي جي ماريل عوام نئين پريشاني ۾ مبتلا، ماني ڳڀي لاءِ پريشان

اسلام آباد(اين اين آءِ) ملڪ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي جنهن سبب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گئس غائب آهي.رپورٽ موجب ٿڌ ۾ واڌ سان گڏ ئي گئس جي کوٽ واري مسئلي عوام کي نئين پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. صبح جي شروعات کان ڏينهن جي آخر تائين ڪٿي گئس پريشر نه هجڻ جي برابر آهي ته ڪٿي وري گئس جو نالو نشان ئي ناهي جنهن سبب ٻارڙا توڙي وڏا ناشتي کان سواءِ گهرن مان نڪرڻ تي مجبور آهن.ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ شهرين کي پٽون پاراتا ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان شهرين چيو آهي ته مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو هاڻ هوٽلن تان ماني گهرائي کائڻ جي به طاقت ناهي. حڪومت صرف ٺلها آسرا ۽ دلاسا ڏئي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *