فارنزڪ جي ماهر آمريڪي اداري ثاقب نثار سان لاڳاپيل آڊيو جي سچائي جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) فارنزڪ جي ماهر آمريڪي اداري ثاقب نثار سان لاڳاپيل آڊيو جي سچائي جي تصديق ڪري ڇڏي، آمريڪي اداري ثاقب نثار سان لاڳاپيل آڊيو فائل جي سچائي جي تصديق ڪئي آهي ذريعن موجب اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جي مبينه آڊيو رڪارڊنگ جاري ڪندڙ ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم (فيڪٽ فوڪس) چيو ته هي آڊيو 2 مهينا اڳ حاصل ڪئي هئي ۽ ملتي ميڊيا فرانزڪ ۾ مهارت رکندڙ هڪ نالي واري آمريڪي فرم کان ان جي جاچ ڪرائي هئي. گيرٽ ڊسڪوري وٽ نالي وارن ماهرن جي ٽيم آهي جنهن وٽ آمريڪي عدالتن آڏو ثبوت پيش ڪرڻ، انهن جو تجزيو ڪرڻ ۽ عدالتي شاهدي ڏيڻ جو ڊگهو تجربو آهي، فرم جي تجزياتي رپورٽ آڊيو فائل جي صداقت ۽ درستي جي تصديق ڪري ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته هن آڊيو ۾ ڪنهن به قسم جي ڪائي گهٽ وڌائي نه ڪئي وئي اهي تجزياتي فرم آڊيو جو اسپيڪٽرو گرام پيش ڪيو ۽ شاهدي ڏني ته آڊيو ۾ هڪ پل جي به رڪاوٽ موجود نه آهي جيڪڏهن اسپيٽرو گرام ۾ ڪائي رنڊڪ هجي ها ته اتي اسپيڪٽرو گرام ۾ ڪاري رنگ جو خال موجود هجي ها اسپيڪٽرو گرام ۾ ڪاري رنگ جو ڪوئي خال نظر ناهي آيو ۽ آڊيو جي شروع ۽ آخر ۾ ڪارو خال اها نشاندهي ڪري ٿو ته آڊيو ڪٿان شروع ۽ ڪٿي ختم ٿي. رڪارڊنگ جي 2.8 سيڪنڊ کان پوءِ رڪارڊنگ بٽڻ جي ڪلڪ ڪرڻ جو آواز ٻڌجي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *