اهم ادارن جي نظام ۽ انگن اکرن جي تحفظ لاءِ سائبر سيڪيورٽي ۾ قومي صلاحيت ۾ واڌ نهايت اهم آهي: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي اهم ادارن جي نظام ۽ انگن اکرن جي تحفظ لاءِ سائبر سيڪيورٽي ۾ قومي صلاحيت ۾ واڌ نهايت اهم آهي محفوط ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي ويزن سان ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. هو سائبر وار فيئر اينڊ سيڪيورٽي بابت ٻي سالياني عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو نيشنل سينٽر فار سائبر سيڪيورٽي ايئر يونيورسٽي هن ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو آهي جنهن جو مقصد جديد خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ طريقا ڳولڻ آهي هن چيو ته سائبر حملن خاص ڪري ملڪي دفاع، توانائي ۽ مالياتي بنيادي سرسٽي تي سائبر حملن جا خطرا گهٽائڻ لاءِ ملڪي سطح تي پروفيشنلز ۽ سلوشنز کي ڳولڻ اهم آهي. هن چيو تهس ائبر سيڪيورٽي ۾ سگهاري صلاحيت حاصل ڪرڻ ٻنهي دفاعي ۽ جارحاڻي حڪمت عملي ۾ اهميت رکندڙ آهي ڇو ته دنيا ۾ تيزي سان ٽيڪنالوجي ۾ اڳڀرا.ئي ٿي رهي آهي، هن چيو ته محفوظ ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي ويزن سان ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. پرڏيهي گروپن پاران حساس ڄاڻ جي چوري ۽ سرڪاري ويب سائيٽ کي هيڪ ڪرڻ جي اطلاعن کان پوءِ سڌريل ۽ اسرندڙ ملڪن جو ڌيان سائبر اسپيس تي ڏنل آهي هن چيو ته مستقبل ۾ ڪمپيوٽر جنهن تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ڪنهن به ملڪ لاءِ پنهنجي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر کان سواءِ پنهنجي ملڪ جي ڊيٽا کي محفوط بنائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو هن چيو ته سائبر حملن سان ملڪي انفرااسٽريڪچر تي اثر پئجي سگهن ٿا ۽ معيشت تباهه ٿي سگهي ٿي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هائر ايجوڪيشن ڪميشن ڊاڪٽر شائستا سهيل چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن بي ايس ۽ پي ايڇ ڊي سطح تي سائبر سيڪيورٽي جي تعليمي نصاب کي اپ گريڊ ڪري رهيو آهي ۽ نئين نسل ۾ شعور ۽ سڌ ڏيڻ لاءِ يونيورسٽين ۾ ان کي لازمي مضمون قرار ڏيڻ ۾ غور ڪري رهيو آهي ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل سائبر سيڪيورٽي اڪيڊمي جو افتتاح به ڪيو جنهن کان پوءِ صدر پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان گڏ صنعتي نمائش جو دورو ڪيو ۽ سائبر فرانزڪ ٽول ڪٽس، سيڪيور ڪميونيڪيشن فريم ورق سينسرز جي ذريعي رپورٽ مانيٽرنگ ۽ انٽرنيٽ سيڪيورٽي ۽ پرائيويزي ليز سميت ٻين شين ۾ خاص دلچسپي ظاهر ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *