ملڪ ۾ ڪورونا 24 ڪلاڪن دوران ڊاڪٽر سميت وڌيڪ 80 حياتيون ڳڙڪائي ويو

اسلام آباد/ڪراچي/سکر (نمائندن وٽان/اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي ٿيندڙ ڪل فوتين جو انگ 25 هزار کان ٽپي ويو اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 3 هزار 772 ڪيس ظاهر ٿيا آهن وڌيڪ 80 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. وڌيڪ 3 هزار 107 مريض صحتياب ٿي ويا جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 7 سيڪڙو ٿي وئي. ملڪ ۾ اسپتالن آئسوليشن سينٽرز وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 89 هزار 919 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 5 هزار 390 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي 10 لک 12 هزار 662 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا اهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 53 هزار 881 ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 72 لک 76 هزار 450 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪل 4 ڪروڙ 64 لک 56 هزار 700 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ هڪ دفعو ٻيهر ٻين صوبن کان وڌيڪ 4 لک 20 هزار 955 ٿي چڪو آهي ڪل فوتين جو انگ 6 هزار 612 ٿي ويو آهي.  ڪرونا وائرس جا وار جاري آهن، هڪ ٻي 28 ورهين جي عورت ڊاڪٽر ثمره ڪرونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري وئي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتي ڊاڪٽرن جو انگ 78 ٿي ويو آهي، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن مطابق سکر جي رهواسڻ ڊاڪٽر ثمره 28 هفتن جي ڳورهاري هئي ۽ ڪرونا وائرس جي ويڪسين نه ڪرائي هئي. ڊاڪٽر ثمره جي جنازي نماز سکر ۾ پڙهي وئي، پي ايم اي مطابق ڊاڪٽر ثمره ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڊگري ڪئي هئي ۽ هن آغا خان اسپتال مان ايف سي پي ايس ڪئي ڊاڪٽر ثمره واه انٽرنيشنل اسپتال ٽيڪسلا ۽ سعودي عرب جي مختلف اسپتالن ۾ ٽن سالن تائين پنهنجون خدمتون نڀائيندي رهي پي ايم اي مطابق سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري فوتي ڊاڪٽرن جو انگ 78 ٿي ويو آهي پي ايم اي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪرونا ويڪسين لازمي لڳائي وڃي هي محفوظ آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6627 ٿي ويو آهي جڏهن ته 18455 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1459 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6627 تائين وڌي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 18455 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن مان 1459 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5411268 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 422370 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 86.9 سيڪڙو يعني 367241 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 766 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 48502 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 47259 گهرن ۾، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 1208 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 1070 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 86 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1459 نون ڪيسن مان 706 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 313، ڏکڻ 194، سينٽرل 101، ملير 44، ڪورنگي 38 ۽ ضلع اولهه 16 جا آهن. حيدرآباد ۾ 200، خيرپور 52، سانگهڙ 51، ڄامشورو 39، بدين ۽ مٽياري 36-36، ميرپورخاص 35، گهوٽڪي 33، شهيد بينظيرآباد 29، ٺٽو 27، نوشهروفيروز 24، عمرڪوٽ 23، سکر ۽ ٿرپارڪر 22، دادو 19، قمبر 15، شڪارپور 14 ٽنڊوالهيار 13، جيڪب آباد 10، لاڙڪاڻو 3، ڪشمور ۽ ٽنڊو محمد خان 2-2 ۽ سجاول هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ويڪسينيشن جي ڊيٽا شيئر ڪندي وڏي وزير چيو ته 21 آگسٽ تائين 10089341 ويڪسين لڳايون ويون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 122105 ويڪسين هنيو ويون آهن – مجموعي طور تي 10211446 ويڪسين لڳايون ويون آهن جيڪي آبادي جو 29.76 سيڪڙو بڻجي ٿو. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *