پي ايم ڊي اي  تحت چينلن تي 25 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چيو آهي ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) تحت ٽي وي چينلن تي 25 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو جتي ان کان اڳ موجود قانونن تحت چينلن تي 10 لک رپيا ڏنڊ هوندو هو. سومر ڏهاڙي تي ڊجيٽل براڊ ڪاسٽرز سان گڏ هڪ بيان ۾ وفاقي زوير نشاندهي ڪئي ته پاڪستان اليڪٽرڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي(پيمرا) هڪ امير ادارو هو پر بدقسمتي سان هن پنهنجي قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين صحافين جي تربيت، تحقيق ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ست قانون موجود آهن، سوشل ميڊيا کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ذريعي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، پريس جو انتظام پريس ڪونسل وٽ آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ڏسندو آهي، ليبر ريگوليشنر تي عمل ڪرڻ لاءِ اخبارن جي ملازمن لاءِ ڪو ٽربيونل (آئي ٽي اين اي) ڏسندو آهي، جڏهن ته آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن (اي بي سي) اخبار جي رجسٽريشن واري معاملن تي نظر رکندو آهي. هن اهو واضح ڪيو ته سمورن قانونن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ته جيئن انهن جي جاءِ هڪ اٿارٽي مطلب ته پي ايم ڊي اي وٺي سگهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته تجويز ڪيل قانونن ۾ ڏوهاري ذميواري جي ڪا به گنجائش ناهي پر ان جي تحت 25 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته في الحال تنظيمون پيمرا طرفان لاڳو ڪيل نوٽيس ۽ ڏنڊ تي عدالت کان منع نامو حاصل ڪري وٺنديون آهن. سندس چوڻ هو ته سينسر بورڊ به ٽوڙيو ويندو ۽ ان جي جاءِ هڪ نئون ادارو بورڊ آف فلمز سينسر قائم ڪيو ويندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ميڊيا ڪميشن به بڻائي وئي آهي جنهن ۾ حڪومت ۽ ميڊيا ادارن جا چار ماڻهو هوندا ۽ ان جي سربراهي هڪ چيئرمين ڪندو، ڪميشن کي تجويز ڪيل شڪايت ڪميٽي ۽ ميڊيا ٽربيونل ۾ ماڻهن جي مقرري جا اختيار هوندا. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا ٽربيونل ميڊيا ورڪرن جي شڪايتن تي غور ڪري سگهندا، هن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي مالڪ ميڊيا ٽربيونل ٺاهڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن پر حڪومت پنهنجي منصوبن تي عمل ڪرائي رهندي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پي ايم ڊي اي ۾ ترقي جو هڪ نئون شعبو جوڙيو ويو آهي جنهن جو مقصد صلاحيتون وڌائڻ آهي ڇو ته خبرون فراهم ڪندڙن کي لڳاتار تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.  سندس چوڻ هو ته ميڊيا ٽربيونل جا فيصلا حتمي هوندا ۽ انهن کي رڳو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ئي چيلينج ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽل ميڊيا حقيقت ۾ ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي ميڊيا منظر نامي جي وضاحت ڪندو تنهن هوندي به ان جو اهو مطلب ناهي ته رسمي ميڊيا ختم ٿي ويندي پر حالتن سبب مٽجي وينديون. پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌائيندا هلون ته پي ايم ڊي اي هڪ ريگيوليٽري اداري آهي جيڪو هر قسم جي ميڊيا ۽ ان جي واهپيدارن جي پيشيور ۽ ڪاروباري ضرورتن جو دائرو طئي ڪندو ۽ ان جو مقصد لاتعداد ادارن طرفان لاڳو ڪيل موجوده ريگيوليٽري ماحول ۽ ميڊيا کي مٽائڻ آهي. حڪومتي تجويز موجب پي ايم ڊي اي پاڪستان ۾ پرنٽ، براڊ ڪاسٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ريگوليشن جي ذميواري هوندي. اٿارٽي جي قيام لاءِ تيار ڪيل آرڊيننس تحت ميڊيا ريگوليشن، ڪنٽرول يا سڌو ڪنٽرول بابت سمورن اڳوڻن قانونن کي ختم ڪيو ويندو ۽ پي ايم ڊي اي ان جي ڪمن تي قانوني تحفظ فراهم ڪندي نئين قانون سازي ڪئي ويندي. تجويز ۾ چيو ويو آهي ته پي ايم ڊي اي آرڊيننس تحت ڪيل ڪنهن به فيصلي جي قانوني حيثيت تي سوال اٿارڻ جو حق ڪنهن به اداري تي نه هوندو. پنهنجي ريگوليٽري ڪم کانسواءِ اٿارٽي ميڊيا ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان تڪرارن کي حل ڪندي پگهارون مقرر ڪرڻ جي حوالي سان غور ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *