پاڪستان بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايڪسپو دوران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي بيشمار موقعن کي اجاگر ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپور 2020 ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ تيارين تي جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سڌسماءَ جو وزير چوڌري فواد حسين، عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن پرڏيهي ايڪسپو ۾ پاڪستان جي شرڪت سان جتي پرڏيهي برادري کي پاڪستان جي مختلف پاسن کان روشناس ڪرايو ويندو اتي واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان ڌڳ کلندا اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايڪسپو جي شروعات پهرين آڪٽوبر 2021 کان ٿيندي جيڪا 6 مهينا لاڳيتو جاري رهندي. وزيراعظم کي پاڪستاني پويلين ۽ ان جي مختلف حصن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. وزيراعطم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپو دوران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي وزيراعظم چيو ته راوي رور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلا آئي ٽي ۽ مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، وزيراعطم هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي متحرڪ شموليت سان ايڪسپو دوران اهم صوبائي منصوبن کي اجاگر ڪيو وڃي وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي ايڪسپو جي حواليس ان تيارين کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي پاسي وزير اعظم عمران جو چوڻ آھي تھ اقتصادي محاذ سان ھڪ وڌيڪ سٺي خبر آھي، بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس او سي آئي ۾ پاڪستان جي مثبت پوزيشن ٿي وئي آھي، سندس چوڻ ھو تھ پاڪستان بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس تي 9 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي، عمران خان چيو تھ آو آئي سي سي آئي ميمبرز جو پاڪستان تي اعتماد منفي 74 مان 34 سيڪڙو تي اچي ويو آھي، وزير اعظم چيو تھ مئي 2020 جي مقابلي ۾ او آئي سي سي آئي ميمبرز جي اعتماد ۾ 108 سيڪڙو اضافو ٿيو اھي، ھن چيو تھ ٻاھرين سرمائيڪارن ۽ ڪاروباري ماڻھن جي اعتماد ۾ ڊرامائي اضافو ڏٺو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *