ن ليگ جو يوم تڪبير سان گڏ يوم جمهوريت به ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته پ پ ۽ اي اين پي جو فيصلو پنهنجو آهي، پي ڊي ايم جون 8 جماعتون متحد آهن ۽ 29 مئي تي سربراهي اجلاس ۾ حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪنديون. اسلام آباد ۾ شاهد خاقان عباسي جي رهائشگاهه تي خرم دستگير ۽ مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته عمران خان ملڪي معيشت کي پٽڙي تان لاهي چندي ۽ فطراني واري معيشت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي سياست ۾ ٻه محاذ آهن، هڪ پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻيو ٻاهر، بجيٽ سيشن ۾ عوام دشمن پاليسين جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف کي 28 مئي 1998 ۾ ايٽمي ڌماڪن جي ڏوهه ۾ اقتدار تان لاهي جيل ۾ قيد کانپوءِ جلا وطن ڪيو ويو، نواز شريف کي ٻيهر سي پيڪ جو ڌماڪو ڪرڻ تي اقتدار کان ڌار ڪري تاحيات نااهلي ۽ جيل موڪليو ويو. سندس چوڻ هو ته ايٽمي ڌماڪن تي نواز شريف کي وڏين طاقتن فونون ڪيون پر هن عوامي امنگن ۽ قومي غيرت موجب فيصلو ڪيو، اهو ڏينهن اسان جي قومي غيرت ۽ خود مختياري جي تحفظ جو ڏينهن ؟آهي، هن ڀيري يوم تڪبير سان گڏ يوم جمهوريت به ملهائينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *