ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 137 فوت، 5 هزار 445 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 137 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 هزار 445 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون آيل نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 7 لک 66 هزار 882 ٿي ويو آهي. وڌيڪ 137 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 16 هزار 453 تي پهچي ويو آهي. سرڪاري پورٽل موجب ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 8 سيڪڙو رهي، فعال ڪيسن جو انگ 83 هزار 298 ٿي ويو آهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4286 مريض صحتياب پڻ ٿيا، ائين وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جو ڪُل انگ 6 لک 67 هزار 131 ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *