ن ليگ جو ناموس رسالت صھ جي قرارداد جي حمايت جو فيصلو

اسلام آباد(م.ڊ/اين اين آءِ) ن ليگ جو ناموس رسالت صھ جي قرارداد جي حمايت جو فيصلو، پارليامينٽ ھائوس ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاھد خاقان عباسي جي صدار ت ۾ ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنھن ۾ حڪومت پاران ناموس رسالت صھ جي قرارداد جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو،  ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته لاهور جون حقيقتون عوام جي آڏو ناهن اچي سگهيون ڪالهه ٻولهه ٿي ڇا ڪنهن کي ناهي خبر جلد پارليامينٽ جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو وزيراعظم ۾ همٿ هئي ته پارليمان ۾ تقرير ڪري ها پارليامينت بند ڪري وزيراعظم تقرير ڪئي جنهن جو نه منهن نه ڌڙ، خلائي مخلوق هاڻي زميني مخلوق بڻجي چڪي اهي فيض آباد ۾ جيڪو ٿيو ان جون حقيقتون تلخ آهن واحد حل هڪ ڪميشن آهي جنهن ۾ حقيقتون سامهون اچن ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو هڪ طرفو نظام هلي رهيو آهي حالتون تلخ آهن انتشار آهي هر ماڻهو پريشان آهي هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم تقرير ڪئي ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڳالهه ڪهڙي ڪئي آهي مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌندي پئي وڃي حالتون خراب ٿي رهيون آهن پر حڪمرانن کي ڪابه پرواهه نه آهي هن چيو ته رمصان شريف ۾ لاهور ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو ان جون حقيقتون عوام جي سامهون نه اچي سگهيون آهن هن چيو ته احتجاج ناموس رسالت تي هو حڪومت ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي ڳالهه ٻولهه ڪهڙي ٿي ڪنهن کي خبر نه آهي جيڪو ٽولو پريس ڪانفرنس ڪندو هو اڄ غائب آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني شهري ماريا ويا وزيراعظم ان تي نه ڳالهايو هن چيو ته جمهوريت ۾ جماعتن جو کي ڪالعدم قرار  ڏنو وڃي ٿو پوءِ ان سان ڳالهيون به ٿين ٿيون جلد پارليامينت جو اجالس ملتوي ڪيو ويو وزيراعظم ۾ همٿ هئي ته پارليمان ۾ تقرير ڪري ها هن چيو ته اسلام آباد ۾ هر روڊ تي ڪنٽينر پيا آهن اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ناموس رسالت تي سڄي اسلامي دنيا ۾ هڪ ئي راءِ هوندي آهي اسان جي ملڪ ۾ ان تي انتشار ڇو آهي، سفير کي نيڪالي ڏيڻ جوواعدو ڪنهن ڪيو هو هن چيو ته حڪومت جيڪي واعدا ڪري ٿي اهي عوام آڏو آڻڻ گهرجي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ تحريڪ لبيڪ جي احتجاج تي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو تاريخ جو حصو آهي اسان چئون ٿا ته هڪ سچائي جو ڪميشن ٺاهيو سڀ پتو پئجي ويندو هن چيو ته وزيرن کي تبديل ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو هي پنجون ناڻي وارو وزير آهي هر ماڻهو هي ناڻي وارو وزير بڻيل آهي، هي سرڪس آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *