ناموس رسالت تي سڄي قوم متحد آهي، عالمي سطح تي مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي : عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ناموس رسالت تي سڄي قوم متحد آهي، عالمي سطح تي مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن بابت وزير نور الحق قادري ميمبرن کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين تي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ٽي ايل پي تان پابندي ختم ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو، ان تي پابندي برقرار رهندي، ٽي ايل پي ڪارڪنن تان قتل ڪيس به واپس نه ورتا ويندا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ناموس رسالت تي سڄي قوم متحد ۽ هڪ زبان آهي، ٽي ايل پي جو مقصد ٺيڪ آهي پر طريقي ڪار درست نه هو، عالمي سطح تي مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *