شهزاد اڪبر اونڌو به ٿي وڃي ته ان جي نوڪري بچندي نظر نٿي اچي: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عطاءالله تارڙ شهزاد اڪبر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته شهزاد اڪبر هاڻي اونڌو به ٿي وڃي ته سندس نوڪري بچندي نظر نٿي اچي ڏيڍ سال کان جاري ايف آئي اي جي جاچ ۾ هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ٿابت ناهي ٿي سگهي. جنهن جو شهزاد اڪبر کي سخت وڏو ڏک آهي هن چيو ته ڪڏهن هڪ عدالت ته ڪڏهن ٻي عدالت ۾ چالان جمع ڪرائڻ ۽ جاچ رپورٽ ۽ چالان کي ڪيترائي ڀيرا تبديل ڪرڻ سان اهوظاهر ٿئي ٿو ته هن ڪيس ۾ ڪجهه نه آهي هن چيو ته نيب جن الزامن جي جاچ ٽن سالن کان ڪري رهيو آهي انهيءَ الزامن تي ايف آئي اي کي جاچ ڏني وئي جنهن۾ ڪجهه ثابت ناهي ٿيو هن چيو ته جيڪڏهن چالانت بديل ڪرائڻ ڪاميابي جي برابر آهي ته شهزاد اڪبر جي عقل تي رڳو ماتم ڪري سگهجي ٿو چالان تبديل ڪري ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته هن ڪيس ۾ لڳايل سمورا الزام ڪوڙ۽ فريب کان علاوه ڪجهه نه هئا هن چيو ته ساڍن ٽن سالن کان جاري سياسي انتقام جي نتيجي ۾ عمران نيازي ۽ انجي ساٿارين کي ذلت کان سواءِٻيو ڪجهه ناهي مليو قوم جاڪيترائي سئو ارب رپيا بچائيندڙ شهبازشريف کي هن ملڪ جي اعليٰ عدليه پهريان کي بي ڏوهي قرار ڏئي چڪي آهي هن چيو ته جلد بيروزگار ٿيندڙ شهزاد اڪبر ڀلي ڪيترا به ڪوڙ ڳالهائي عمران نيازي جي چورين کي لڪائي نٿو سگهي.

 ٻئي طرف  پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوري جي شعري تبصري جو مرحوم شاعر راحت انڌوري جي شعرن جو جواب ڏيندي چيوته ڪوڙ جي صرف هڪ شڪل آهي جنهن جو نالو عمران خان آهي جنهن جي شاهدي 22 ڪروڙ عوام ڏئي رهيوآهي ڪوڙ ڳالهائيندڙ عوام کي منهن ڏيکارڻ جي لائق ناهن رهيا. ڪوڙن کي چيو آهي ته سچ ڳالهايو سرڪاري اعلان ٿيو آهي سچ ڳالهايون گهرن اندر ڪوڙن جي هڪ منڊي آهي دروازي تي لکيل آهي سچ ڳالهايو. مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙ جي رڳو هڪ شڪل آهي جنهن جو نالو عمران خان آهي عوامي معاشي تباهي بيروزگاري ۽ مهانگائي آڻيدڙ شڪلون سڃاڻي چڪو هن چيو ته عوام ملڪ جي معاشي سالميت ۽ خومختياري کي آئي ايم ايف جي حوالي ڪندڙن کي سڃاڻي چڪو آهي هن چيو ته ڪوڙي چهري چيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪري ۽ 50 لک گهرڏينداسين هڪ ڪوڙي مهانڊي چيو هو ته آپگهات ڪري ڇڏيندس آئي ايم ايف نه ويندس. هن چيو تهمني بجيٽ مڙيهيندڙ غريب دشمن ڪرپٽ مافياز کي قوم وائکو ڪري چڪي آهي عام چونڊون پي ٽي آئي جون آخري چونڊون هونديون انشاءالله .

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *