گڏيل قومون ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال جي تدارڪ لاءِ پنهنجو جائز ڪردار ادا ڪري: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان گڏيل قومن تي زور ڏنو آهي ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال جي تدارڪ لاءِ پنهنجو جائز ڪردار ادا ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪشميري گڏيل قومن جي سلامتي وارو ڪونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۾ ڏنل حق خوداراديت جو استعمال ڪري سگهي. اِها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75هين اجلاس جي چونڊيل صدر وولڪن بوزڪر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن اڄ اسلام آباد ۾ هن سان ملاقات ڪئي. وزير اعظم گذريل سال پنج آگسٽ کان پوءِ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، ڪشميري عوام جي انساني حقن کي منظم انداز ۾ سلب ڪرڻ وارين جاري ڪارروائين ۽ والاريل ڪادي جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزير اعظم چونڊيل صدر کي ڪورونا جي سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، سر بچائڻ، معاش جي حفاظت ۽ معيشت کي متحرڪ رکڻ تي ڌيان ڏيڻ واري حڪومت قدم کان آگاهه ڪيو. هن اِهو به ٻڌايو ته هن جي حڪومت غريبن ۽ مسڪينن جي لاءِ 8 ارب ڊالر ماليت جو هڪ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ سماجي تحڦظ جي سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. هن عالمي قرض کان ڇوٽڪاري لاءِ حڪومتي قدمن تي به روشني وڌي ۽ وبائي بيماري جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن کي وڌ کان وڌ مالي اسپيس مهيا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان ۾ چيو ويو ته وزير اعظم ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ ۽ ترقي پذير ملڪن کان غير قانوني مالي وهڪري جي مقابلو ڪرڻ سان سلهاڙيل اهميت تي روشني وڌي. وزير اعظم عمران خان اميد جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن جي 75هين اجلاس ۾ انهن معاملن کي ترجيح ڏني ويندي جيڪا سڄي دنيا جي اربين ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *