ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪوڙ ۽ دوکو آهي، سڀ ماڻهو دوکو ڏين ٿا، عورت ٽيچر دوکو ڏنو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪوڙ ۽ دوکو آهي، سڀ ماڻهو دوکو ڏين ٿا.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ماسترياڻي جي فاٽا ۾ هڪ وقت ۾ ٻه نوڪرين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ماسترياڻي جي وڪيل ٻڌايو ته لبنيٰ بلقيس 2009ع ۾ نائين گريڊ ۾ ماسترياڻي هئي، 2012ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي سترهين گريڊ جي ليڪچرار لڳي، ليڪچرار ٿي ته هڪ سال جي پگهار وٺڻ کانسواءِ اسڪول ٽيچر واري نوڪري کان موڪل ورتي.  وڪيلن جي دليلن تي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته سالن بعد ڪانٽريڪٽ وڌيو ته ليڪررشپ جاري رکي، اسڪول واري پگهار به ايندي رهي. ماسترياڻي جي وڪيل چيو ته اسان سموري پگهار واپس ڪري ڇڏي آهي.  ان موقعي تي جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته عورت ٽيچر دوکو ڏنو، ٽن سالن بعد اسڪول واري نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته ماسترياڻي حقيقتن کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي، هڪ ئي وقت ۾ ٻه نوڪريون جاري رکيون ويون جيڪو ڏوهه آهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪوڙ ۽ دوکو آهي، ملڪ ۾ سڀ دوکو ڏيندا آهن،  جيڪڏهن پڙهيل لکيل ماڻهو دوکو ڏيندا ته پوءِ اڻپڙهيل ڇا ڪندا. جسٽس آصف سعيد کوسا ماسترياڻي جي وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته توهان سوچو ته فاٽا جو معاملو آهي ڪنهن کي خبر نه پوندي، ان بعد ته توهان ڪنهن پبلڪ سروس جا حقدار ئي نه ٿا رهو، پهرين غلطي آخر غلطي هوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *