سنڌ ۾ گورنر کان بيان ڏيارڻ ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي. عيد کانپوءِ عمران خان لاءِ ڏکيائين ۾ اضافو ٿيندو: منظور وساڻ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم جو عهدو ڇڏي ڀڄي ويندو ڇو ته ڪجهه طاقتن جي ڪوشش آهي ته ٽيڪنو ڪريٽس ذيعي حڪومت هلائي وڃي. عيد کانپوءِ عمران خان جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيندو. ڪراچيءَ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته سنڌ ۾ گورنر کان بيان ڏيارڻ ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي، عمران خان ذريعي ملڪ ٽوڙڻ جي سازش ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته عمران خان تي آءِ ايم ايف جو ڪنٽرول ٿي ويو آهي، عيد کانپوءِ هن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿينديون، عمران خان وزيراعظم جو عهدو ڇڏي ڀڄي ويندو ڇو ته ڪجهه طاقتن جي ڪوشش آهي ته ٽيڪنو ڪريٽ ذريعي حڪومت هلائي وڃي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف چونڊ نه وڙهندو پر هن جي جاءِ تي مريم نواز اليڪشن ۾ حصو وٺندي، ٿي سگهي ٿو ته ميان صاحب کي هڪ ٻن مهينن اندر عدالت مان رليف ملي وڃي. منظور وساڻ چيو ته اسان جو فيصلو عدالت جي هٿ ۾ آهي، اقامو 2012ع ۾ ورتو ۽ 2013ع ۾ فارم ڀريو، لڪايو ناهي، 2015ع ۾ ختم ڪرايو، اقامي سبب ڪابه ٽرانزيڪشن نه ٿي ۽ مان اليڪشن نه وڙهي سگهيس، جيڪڏهن الزام هنيو ويو آهي ته پئسا ڪڍي ڏيکاريو، اسان احتساب کان نه ڊڄنداسين. هن چيو ته حڪومت مشرف کي به ته واپس آڻي کيس ڇو نه پيو آندو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *