آئي ايم ايف جي شرطن جون مبارڪون، وفاقي سرڪار کي شرط قبولڻا هئا ته ڊرامو ڇو رچايو ويو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آئي حڪومت يو ٽرن جو هڪ ٻيو ريڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، ۽ آئي ايم ايف جي شرط کي وڏي خوشدلي سان قبول ڪري ورتو آهي. پي ٽي آئي جي گورنمينٽ کي اهي شرطون قبول ڪرڻيون هيون ته اهو سڄو ڊرامو ڇو رچايو ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي آئي ايم ايف جو شرطون تسليم ڪرڻ تي پي ٽي آئي گورنمينٽ کي مبارڪباد ڏيندي اهو ڇوڻ چاهي ٿي ته هو پنهنجي يوٽرن سان قوم کي ڪيترو بيوقوف بڻائيندا رهندا سموري پاڪستاني قوم توهان جي حقيقت ڄاڻي ورتي آهي. ۽ توهان جون آئي ايم ايف سامهون ڄنگهون کوڙن تي سموري قوم حيران آهي ڪيترائي ڀيرا آئي ايم ايف وٽ نه وڃڻ جو چئي پنهنجي ساک کي بهتر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر ثابت ٿي ويو ته حڪومت هلائڻ عمران خان صاحب جي وس جي ڳالهه ناهي. توهان پنهنجي تقريرن جلسن ۾ پاڪستاني قوم کي آئي ايم ايف جي غلامي کان نجات ڏيارڻ جو راڳ الاپي رهيا آهيو. پر اهو ٿيو جنهن جو سئو سيڪڙو يقين پاڪستانين کي هو توهان آئي ايم ايف جي ڪشڪول سان پنهنجي حڪومت کي فيض ياب ڪيو اها حڪومت هلائڻ  اوهان جي وس جي ڳالهه نه آهي توهان حڪومت هلائي ئي نٿا سگهو ضرورت جي شين ۾ اگهه وڌائن پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو آسمان سان ڳالهائي رهيو آهي پر توهان پاڪستاني عوام سان ڪيل وعدا وساري ويٺا آهيو پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ به ۽ هميشه پاڪستاني عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *