ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ معصوم ماڻهن جي قتل ۽ هنگامي حالتن سبب فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي آهي: مولا بخش چانڊيو

بدين(ڊ.ر)  هڪ صوبي جي ووٽن تي پاڪستان جو حڪمران مقرر ڪرڻ ٽن ننڍن صوبن سان زيادتي آهي، وفاقي حڪومت ۾ صوبن جي نمائندگي هجڻ لازمي آهي جيڪا نظر نٿي اچي، اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري سينيٽر مولابخش چانڊيو بدين ۾ هڪ سماجي تنظيم اين آر ڊي پي جي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ بدين پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پ پ پ پنهنجي دور ۾ تاريخي قانون سازيون ڪيون پر هِن وقت حڪمران اسيمبلين ۾ نظر نه ٿا اچن، پ پ پ قيادت ڪڏهن به اين آر او نه ڪيو آهي پر ن ليگ سعودي عرب جي سرپرستيءَ ۾ اين آر او ڪيو ۽ مُشرف کان تحريري معافي وٺي ۱۰ سال ملڪ کان ٻاهر رهي سياست کان ڪنارا ڪشي ڪئي، هن چيو ته پ پ پ هميشه عدالتن مان رليف ورتو آهي، هن وقت به ڊاڪٽر عاصم، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين پ پ پ اڳواڻن کي ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم نه پر عدالتن رليف ڏنو آهي، اين آر او ذريعي سودي بازيون ڪندڙ پ پ پ قيادت تي ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ معصوم ماڻهن جي قتل ۽ هنگامي حالتن سبب فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي آهي، سنڌ ۾ پوليس سڌارن جي ضرورت آهي، پوليس ۱۹۳٦ع جي سڌارن هيٺ ڪم ڪري رهي آهي، انهي لاءِ قانون سازي جي ضرورت آهي، ان هوندي به پوليس ۽ رينجرز سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته آدم شماري جي مسئلي تي وفاق سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت کي سخت خدشا آهن، سنڌي ماڻهن کي خدشو آهي ته وفاق جنهن طريقي سان آدم شماري ڪري رهيو آهي ان سان کين اقليت ۾ بدلايو ويندو ۽ اهڙي آدم شماري کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو، وفاق گئس، بجلي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي سلسلي ۾ سنڌ سان وڏيون زيادتيون ڪيون آهن، وفاقي حڪومت تي هڪ صوبي جي ماڻهن جو قبضو آهي ۽ انهن ننڍن صوبن جي عوام کي سندن حقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته بدين جي عوام کي جائز شڪايتون آهن، اهي ان ڪري پيدا ٿيون جو پ پ پ غلطي ڪري پورو ضلعو هڪ شخص جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهنڪري هتي گھڻا مسئلا ٿيا آهن، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر اسماعيل راهو جي پ پ پ شامل ٿيڻ بابت کيس معلومات ناهي پر اسان جا اسماعيل راهو سميت سڀني جمهوريت پسندن لاءِ دروازا کليل آهن. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ فدا مينڌرو، ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين الهڏنو چانڊيو، برڪت ٻٻر ۽ ٻيا پ پ پ اڳواڻ موجود هئا. پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو پ پ پ جي گذريل وفاقي حڪومت طرفان بدين پريس ڪلب ۾ اعلانيل شهيد بينظيرڀٽو آڊيٽوريم هال جي پلاٽ جو معائنو ڪيو ۽ چيو ته ڄاڻايل هال کي سنڌ حڪومت جي خرچ تي تعمير ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ هو سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائي گرانٽ جاري ڪرائيندو. ان موقعي تي هن بدين پريس ڪلب جي صحافين طرفان سينيئر صحافي انيس ميمڻ جي گھر ۾ لڳل ڌاڙي جي نشاندهي ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي هن چيو ته هو ان سلسلي ۾ پوليس جي اعليٰ اختيارين سان ڳالهائي ٿيل چوري واپس ڪرائي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندو. ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر تنوير آرائين، جنرل سيڪريٽري شوڪت ميمڻ، حميد سومرو، اشفاق ميمڻ، عبداللطيف زرگر، انيس ميمڻ، شڪور ميمڻ، مجيد ملاح ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *