ماهرا خان ۽ شاهه رخ خان جي فلم رئيس جي ”ظالما“ گاني ريڪارڊ قائم ڪري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) شاهه رخ خان ۽ ماهره خان جي فلم رئيس جتي ڪاميابي جو ريڪارڊ قائم ڪيو آهي اتي هاڻِ فلم جي گاني ”ظالما“ به ريڪارڊ ٺاهي ڇڏيو آهي. تفصيل مطابق فلم رئيس جو گانو ”ظالما“ جي ريليز ٿيندي ئي ڇانئجي ويو هو، هاڻي گاني يوٽيوب تي هن وقت تائين 1 ارب کان وڌيڪ ڀيرو ڏسڻ جو ريڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان خوشيءَ جو اظهار ڪندي سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي ان گاني جو ڪلپ اپ لوڊ ڪيو ۽ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي گانو 100 ملين کان به وڌيڪ ڀيرو ڏسجي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *