عمران خان پ پ  ۽ نواز ليگ ۾ ڊيل جو غلط الزام لڳايو آهي: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ حڪومت تي وقت کان اڳ ڌانڏلي جو الزام لڳائيندي چيو ته ايندڙ چونڊن کي شفاف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي نڪي تڪراري بڻايو وڃي حڪومت فرضي منصوبا اڌ ۾ ڇڏي پنڪ مهم شروع ڪئي آهي ۽ چونڊن کي فوڪس ڪري ترقياتي اسڪيمون ڏنيون آهن اهڙن خيالن جو اظهار پ پ پ وچ پنجاب جي صدر قمرزمان ڪائره منظور وٽو جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي نديم افضل چن ۽ وڌيڪ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا قمرزمان ڪائره چيو ته حڪومت وٽ پهريان کان اعلان ٿيل اسڪيمن لاءِ پئسا نه آهي جڏهن ته نون منصوبن جا اعلان ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان جي عدالتن کي ڇو نه نظر اچي رهيو آهي ته وقت کان اڳ ڌانڌلي شروع ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن خانصاحب وڏي دونهادار پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ الزام لڳايو ته (ن) ليگ ۽ پ پ پ ۾ ٻيهر ڳٺجوڙ ٿي ويو آهي خانصاحب جو خيال هو ته ايندڙ اليڪشن ۾ رستا خالي هوندا پر ايئن نه هوندو هن چيو ته پ پ پ ري آرگنائيزيشن جو عمل شروع ڪيو هو اهو پنهنجي اصل موقف تي بيٺي آهي ۽ وڏي پارٽي جي شڪل ۾ اڀرندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *