ڪائونسلر جي سيٽ به نه کٽي سگهندڙ ن ليگ خلاف گڏ ٿيا آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ سڀ پارٽيون رڳو هڪڙي ن ليگ خلاف گڏ ٿي رهيون آهن، جيڪي ماڻهو گڏ ٿيا آهن اهي ڪائونسلر جي سيٽ به نٿا کٽي سگهن، جيڪو تماشو ٿي رهيو آهي، ن ليگ جي ڪائونسلر جي سيٽ تي به ان کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته جنهن وقت ملڪ ۾ سي پيڪ اچي رهيو هو، ان وقت به هڪ ڪنٽينر تيار ٿي رهيو هو، ڪالهه تائين هڪ امپائر جي آڱر جي اشاري جي ڳالهه ٿي رهي هئي، اڄ جڏهن فاٽا جي عوام کي حق ملڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته ڪنٽينر تيار ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن مخالفن کي خوف نه هجي ها ته ڪنٽينر تيار نه ڪرائين ها. سندس چوڻ هو ته قوم جنهن کي ووٽ ڏيندي اهو ئي اقتدار ۾ ايندو، قصور واقعي جو ڏک وڏي وزير شهباز شريف کان وڌيڪ ڪنهن کي به ناهي، پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان توڙي آزاد ڪشمير جا ماڻهو نواز شريف کي ئي ووٽ ڏيندا.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *